ملا دائود سيوستاني

ملا دائود سيوستاني : ملا دائود سيوهڻ جي عالمن مان هڪ مشهور عالم ۽ بزرگ ٿي گذريو آهي. فضيلت ۽ علم جو صاحب هو. حضرت مخدوم نوح جو همعصر هو. کيس هڪ پٽ ملا نورالحق هو، جيڪو ’استاد‘ جي نالي سان مشهور هو. بزرگ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي دور ۾ سن 1155هه/1738ع ۾ سيوهڻ ۾ وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو